درگاهه نورپور

درگاهه نورپور: تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ 1947ع ۾ پير مٺا سائين تبليغ تي آيو ۽ موجوده نورپور واري جاءِ کي پسند ڪري، اُتي هڪ مهينو رهي، خليفي کي درگاهه ٺاهڻ جو حڪم ڪيائين ۽ اُن جو نالو درگاهه نور پور رکيو ويو. مٺا سائينءَ جي وصال کانپوءِ خليفي نورمحمد نورپور ۾ مستقل قيام ڪيو. خليفي نور محمد جي وفات کانپوءِ 22 ذوالحج 1418هه/ 20 اپريل 1998ع تي نورپور ۾ ئي سندس مزار جوڙي وئي. هن درگاهه تي هر مهيني يارهينءَ جي رات مجلس ٿيندي آهي. درگاهه سان گڏ هڪ مسجد ۽ ڏهه مسافرخانا ٺهيل آهن. هن مرڪز ۾ روزانو ٻه ڀيرا مراقبو، واعظ ۽ نصيحت جي مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ گادي نشين خطاب ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو